Best SIndhi SOngs - Ya Khuda Taqdeer jo Aahey Bahano Bewafa - يا خدا تقد...

0


Best SIndhi SOngs - Ya Khuda Taqdeer jo Aahey Bahano Bewafa - يا خدا تقدير جو آهي بهانو بي وفا



پراڻي سنڌي فلم "پرديسي" جو بهترين گانو " يا خدا تقدير جو آهي بهانو بي وفا " آواز ابراهيم
هي بليڪ اينڊ وائيٽ فلم 21 اپريل 1958۾ فاضلاڻي فلمز پيشڪش طرفان رليز ٿي، منظر نامه ايس اي غفار ۽ اداڪارن نور محمد چارلي، راڪشي، بشير بلالي، فاضلاڻي، لالي، مصطفي قريشي، رومي، سلومي، سياني، آتش ۽ ٻين پنهنجا جوهر ڏيکاريا. ڪهاڻي ايوب سرحدي لکي. مڪالما ۽ گانا رشيد احمد لاشاري، موسيقار غلام نبي، عبداللطيف ايسٽرن فلم اسٽوڊيوز لميٽد ڪراچي پيش ڪئي. ترتيب محمد حسين ڊالي.


يا خدا تقدير جو آهي بهانو بي وفا
تون ئي سڀ ڪجهه ڪرين ناهي زمانو بي وفا
ـ
Courtesy: Fazlani Filmz Production
منهنجي دل جو خون ڪنهن جي عيش جا موتي بڻيا
بادشاهي ۾ ٿيو مون کان خزانو بي وفا
ـ

ڇا ڪندس اهڙي جيڻ کي ڇا ڪندس اهڙو جهان
آهي جنهن ۾ زندگيءَ جو هَر فسانو بي وفا
ـ
يا خدا تقدير جو آهي بهانو بي وفا

رشيد احمد لاشار





Post a Comment

0Comments
Post a Comment (0)